سينٽ جوزف ڪانوينٽ هاءِ اسڪول ڪراچي

سينٽ جوزف ڪـانـويـنـٽ هاءِ اسڪول ڪراچي (St. Joseph Convent High School Karachi): ڪراچيءَ ۾ قائم هي هڪ پراڻو تعليمي ادارو آهي، جيڪو 1862ع ڌاري وجود ۾ آيو. 1862ع ڌاري ڊاٽرس آف ڪراس (Daughters of the Cross) جي هڪ گروهه جي ڪراچيءَ آمد ٿي، جن ڪراچيءَ ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي کوٽ کي محسوس ڪندي مذهبي خانقاهه ۾ تدريسي عمل جو آغاز ڪيو. 1869ع ڌاري، شاگردياڻين جي تعداد ۾ غير معمولي واڌ سبب ڪانوينٽ جي مٿين سموري منزل اسڪول لاءِ مخصوص ڪري 1871ع کان ان کي ’سينٽ جوزف ڪانوينٽ اسڪول‘ نالو ڏنو ويو. بعد ۾ سينٽ پئٽرڪ چرچ جي نئين عمارت تعمير ٿيڻ بعد هن اسڪول کي چرچ جي پراڻي عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو. 1901ع ڌاري سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۽ سينٽ جوزف اسڪول جا پنجاهه سال مڪمل ٿيڻ تي هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻنهي اسڪولن گڏيل طور جي. پي هال ۾ ’وليم ٽيل‘ (William Tell) ڊرامو پيش ڪيو. 1947ع ۾، ورهاڱي کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ لڏي ايندڙ مهاجرن جي ٻارن جي تعليمي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ هن اسڪول ۾ گنجائش ڪڍي وئي. موجوده وقت هن اسڪول ۾ لڳ ڀڳ 2000 ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هي اسڪول ابتدا کان وٺي شاگردياڻين کي بهتر ماحول ۽ معياري تعليم فراهم ڪري سندن ذهني صلاحيتن ۽ قابليت کي اجاگر ڪري رهيو آهي. ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ (I.T) جا موضوع هر شاگردياڻيءَ جي نصابي سرگرميءَ جو حصو آهن. هن اسڪول ۾ ميٽرڪ بورڊ نظام ۽ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ تحت ڏهين درجي ۽ او ليول جا امتحان ڪرايا وڃن ٿا. هن اسڪول جي غير نصابي سرگرمين ۾: ڪلب، مختلف رانديون، فيلڊ مطالعاتي دورا، ڪمپيوٽر ۽ آرٽ جون نمائشون شامل آهن. اسڪول ۾ آرٽ ڪلب، ڊبيٽنگ سوسائٽي، ڊرئميٽڪ سوسائٽي، بڪ ڪلب، سيوئنگ ڪلب ۽ چيس (Chess) ڪلب قائم ٿيل آهن.هن وقت اسڪول جي پرنسپال سسٽر انيتا ڪونسٽينٽ آهي. هن اسڪول مان تعليم پرائيندڙ نمايان شخصيتن ۾: حميده کهڙو (اڳوڻي صوبائي وزير تعليم)، نفيسه شاهه (قومي اسيمبليءَ جي ميمبر)، ماروي ميمڻ (سياستدان)، شهناز وزير علي (چيئرپرسن، هاير ايجوڪيشن ڪميشن)، زبيده مصطفيٰ (صحافي)، عظمي اسلم خان (ناول نگار)، شاهده جميل (بئرسٽر ۽ اڳوڻي وزير)، مهرين جبار (فلم ميڪر/ هدايتڪار)، آمنه شيخ (اداڪاره ۽ سپر ماڊل)، مليحه لوڌي (صحافي/ سفارتڪار)، ائلين سورس Alien Soares (پنجاهه سالن تائين هن اسڪول ۾ پڙهائيندڙ استاد) ۽ ٻيا شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو